خواجه خيرالدين

خواجه خيرالدين

خواجه خيرالدين

خواجه خيرالدين: پاڪستان جي نامياري سياستدان خيرالدين خواجه جو جنم، 4 جولاءِ 1921ع تي ڍاڪا ۾ ٿيو. ڊاڪا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري سياست ۾ عملي طور پير رکيائين. خواجه خيرالدين خواجا ناظم الدين جو تمام ويجهو ساٿي هو. سياست جي ميدان ۾ عملي طرح 1948ع ۾ آيو، جڏهن اي. ڪي. فضل الحق جي نامزد اميدوار خواجه حبيب الله جي خلاف عثمان دلال جي حق ۾ سياسي مهم هلائي، کيس ڪامياب ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. 1957ع ۾ خواجه خيرالدين اڪثريت سان ڪامياب ٿي ميونسپل ڪمشنر منتخب ٿيو. 8 سالن تائين بنيادي جمهوريت جو ميمبر رهيو، 1966ع ۾ يونين ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، بعد ۾ ڊاڪا ميونسپالٽيءَ جو ناظم مقرر ٿيو. 1962ع ۾ پارلياماني سياست ۾ داخل ٿيو ۽ 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1971ع ۾ بنا مقابلي نرياگنج جي تڪ مان چونڊ وڙهي، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1961ع کان 1965ع تائين اوڀر پاڪستان مسلم ليگ (ڪائونسل) جو نائب صدر ۽ 1966ع کان 1971ع تائين صدر رهيو. ان بعد 1981ع تائين پاڪستان مسلم ليگ (چٺا گروپ) جو صدر رهيو، بعد ۾ پنهنجي سياسي جماعت جو بنياد وڌائين، جيڪا اڳتي هلي پير پاڳاري جي مسلم ليگ ۾ ضم ٿي وئي ۽ هو ان جو سينيئر نائب صدر مقرر ٿيو. خواجه خيرالدين ڊيموڪريٽڪ ائڪشن ڪميٽيءَ جو صدر به رهيو، جنهن فيلڊ مارشل ايوب خان جي حڪومت خلاف جدوجهد هلائي. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ ايوب خان کي هٽائڻ لاءِ هن 1969ع ڌاري گول ميز ڪانفرنس سڏائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ضياء الحق جي آمريت خلاف ايم. آر. ڊي (Movement for the Restoration of Democracy) هلائي وئي ته ان جو سيڪريٽري جنرل رهيو. 1990ع ڌاري غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزيراعظم بنائڻ ۾ به سندس ڪوششون شامل هيون. خواجه خيرالدين 1993ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خواجه خيرالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.07.04  عيسوي

پاڪستان جي نامياري سياستدان خيرالدين خواجه جو جنم، 4 جولاءِ 1921ع تي ڍاڪا ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد صديقي حافظ
درويش بابو سنڌي
تانسو چلر
ڀاڳت فقير
قاسم رضا پيرزاده
آغا جعفر علي خان
خانبهادر اَرد شير هرمسجي
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
جلم بن شيبان
سيد مير علي هراتي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون